اسلام آباد-24 مئي (اي پي پي) بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ??يف) چيو آهي ته آءِ ايم ??يف مشن ۽ پاڪستاني عملدارن جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن واري پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. اها ڳالهه آءِ ايم ??يف مشن جي پاڪستان جي دوري جي تڪميل تي مشن جي چيف نٿن پورٽر طرفان جاري ٿيل بيان ۾ چئي وئي آهي. آءِ ايم ??يف جي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني عملدارن جي درخواست تي عالمي مالياتي فنڊ جي ٽيم 13 مئي کان وٺي 23 مئي تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، وفد جي قيات نٿن پورٽر ڪئي. ان دوري جو بنيا??ي مقصد پاڪستان جي اندروني اقتصادي پروگرام جي منصوبن ۽ انهن منصوبن لاءِ آءِ ايم ??يف جي توسيع فنڊ سهولت (اي ايف ايف) جي مدد تي ڳالهيون ڪرڻ هو. بيان موجب 2023ع ۾ اسٽينڊ باءِ معاهدي جي ڪامياب تڪميل ذريعي حاصل ٿيل معاشي استحڪام جي بنياد تي عالمي مالياتي فنڊ ۽پاڪستاني عملدارن جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن جي پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدو ۽ توسيع فنڊ سهولت ذريعي مدد تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سڌارن واري پروگرام جو مقصد ملڪ کي معاشي استحڪام سان مضبوط، جامع ۽ جٽادار واڌ طرف وٺي ??ڃڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني انساني سرمائي، سماجي تحفظ ۽ ماحولياتي موزونيت لاءِ خرچن کي وڌائڻ ۽ منصفاڻي ٽيڪس ذريعي ملڪي محصولن ۾ اضافو ۽ عوامي ماليات کي مستحڪم ڪرڻ جو منصوبو رکون ٿا. پاڪستان جي حڪومت توانائي جي شعبي جي پائيداري، توانائي جي بلند قيمتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سڌارن، ناڻي ۽ مٽاسٽا جي شرح جي پاليسين جي ذريعي گهٽ ۽ مستحڪم ناڻي واڌ طرف اڳڀرائي جار?? رکڻ، رياستي ملڪيتي ڪاروبار جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نجڪاري ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگ?? سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو به ارادو رکون ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ??يف مشن ۽ پاڪستان جا عملدار ايندڙ ڏينهن ۾ آءِ ايم ??يف ۽ پاڪستان جي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيداري طرف سڌارن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهربل مالي مدد تي ۽ ٻين معاملن تي پاليسي ڳالهيون جار?? رکندا ته جيئن انهن معاملن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. آءِ ايم ??يف جي ٽيم مشن جي دوري دوران نتيجا ڏيندڙ ڳالهين ۽ مهمانوازي تي پاڪستاني عملدارن، نجي شعبي ۽ ترقياتي حصيدارن جو ٿورو پڻ مڃيو.
پاڪستان سان جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن واري پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي: آءِ ايم ايف
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب