اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجان جو صدر الهام عليوف پاڪس??ان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي و??و. نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ٻئي اڳواڻ ڀاڪر پائي مليا ۽ گرمجوشي سان هٿ ملايو. روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن آذربائيجان جي صدر کي گل پيش ڪيا. ان موقعي تي و??اقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئ??. صدر الهام عليوف کي تپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. آذربائيجان جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خ??وص?? دعوت تي پاڪس??ان جو دورو ڪري رهيو آهي. هو دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری