اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته مثبت سوچ س??ن اسان کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، مخالف ڌر به ان عمل ۾ اسان جو ساٿ ڏي، ??ددي انگ پورو ٿي ويو ته ترميمون آڻينداسين. سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته خصوصي ڪميٽي پارليامينٽ جو وقار بحال ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي، ڪميٽي ۾ سينيٽ جي ميمبرن کي به شامل ٿيڻ گهرجي. دنيا ۾ آئيني عدالت جو نظام نئون ناهي، ملڪ ۾ آئيني عدالت جو قيام ضروري آهي، ??يڪڏهن عددي انگ پورو ٿي ويو ته ترميم آڻينداسين. مثبت سوچ س??ن اسان کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي. اسحاق ڊار چيو ته اسان کي اصولن جي سياست کي نه ڇڏڻ گهرجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ اڌ ڪلاڪ ۾ 22 ترميمون ٿيون هيون، جيڪي شيون ارڙهين ترميم ۾ ان وقت نه ٿي سگهيون هيون، ان کي اسان هاڻي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته آئيني عدالت جو تصور نئون ناهي۽ ان جي بي پناهه پذيرائي آهي. هن چيو ته اهڙي طرح انهن جو فيصلو آيو ته توهان جيڪڏهن پارٽي لائن جي خلاف ووٽ ڏيندا ته اوهان جو ووٽ ڳڻيو نه ويندو ۽ اوه??ن ايوان جي ميمبرشپ تان به فارغ ٿي ويندا، ته اهو ڪهڙو قانون آهي، ??ن جي غلط تشريح ڪئي وئي، نه ووٽ ڳڻيا ويا ۽ ممبرشپ ختم ڪئي وئي. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ان معاملي تي هڪ اپيل لڳل آهي، ??يڪو پارٽي لائين ڪراس ڪري ان تي ريفرنس موڪلينداسين ته ان کي نااهل ڪيو وڃي، ??پريم ڪورٽ چيو ته 63 اي ۾ تشريح ڪريون ٿا ته جيڪو ووٽ وجهندو، اهو به ڳڻيو نه ويندو ۽ ان کي نااهل به ڪيو ويندو، ووٽ ڳڻيو ناهي وڃڻو ته سزا ڪهڙي ڳالهه جي آهي؟ سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ان حوالي س??ن ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سزا تڏهن ملندي جڏهن ڪو ڏوهه هجي، فلور ڪراسنگ تي ووٽ جيڪڏهن ڳڻيو نٿو وڃي ته سزا ڪنهن جي لاءِ آهي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته ڪير به جيڪڏهن غلط ڪم ڪري رهيو هجي ته ان کي غلط چوڻ گهرجي. سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته عوا??ي مفاد ۾ قانونسازي پارليامينٽ جو حق آهي، ??رڙهين ترميم تحت اختيار صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجن، اقتصادي ۽ پرڏيهي پاليسي به عوام جي مفاد کي نظر ۾ رکي ٺاهڻ گهرجي. مهانگائي، ??جلي جي ڳرن بلن ۽ ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آڻڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ان ک??ن اڳ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ جنهن مقصد لاءِ اجلاس گهرايو ويو آهي اهو هر زبان تي آهي، قانونسازي جو هن ايوان جو استحقاق آهي، هن ايوان جا ميمبر جڏهن پ??هنجي ذميواري پوري ڪن ٿا ته ان تي فخر ٿئي ٿو پر قانونسازي عوا??ي مفاد ۾ هجڻ گهرجي.
مثبت سوچ سان اسان کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : apostas quina