راولپنڊي-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي پهرين م??ري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي گذري، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب پ??هنجي خطاب ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه چيو ته پاڪستان م??ري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ م??ري ٽائيم سائنسز ٽيڪنالاجي، ڪاروبار ۽ صنعت جي شعبي ۾ ترق?? جي راهه هموار ڪندي. پي ايم ايس ٽي پي پاڪستان ج?? جي ڊي پي ۽ بحري شعب?? جي ترقي لاءِ نوان رستا کوليندي. پي ايم ايس ٽي پي پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين م??ري ٽائيم سائنس پارڪ آهي،هن پارڪ جو مقصد بحري ٽيڪنالاجيز، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، سائبر سيڪيورٽي، اوشن رينيوايبل انرجي، سي فوڊ پروسيسنگ، جهاز سازي ۽ سامونڊي سياحت سميت ڪيترن ئي شعبن کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان م??ري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ هڪ جديد تحقيقي ۽ ترقياتي مرڪز آه?? جيڪو پاڪستان جي سامونڊي وسيلن ۽ ٽيڪنالاج?? جي شعبي کي ترقي ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي.
پاڪستان جي پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب، پارڪ مختلف شعبن ۾ ترقي جي راهه هموار ڪندي: ايڊمرل نويد اشرف
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل