اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه احتجاج دوران گرفتارين، سيڪيورٽي اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ ۽ نقصانن جي حوالي سان تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، ٽنهي ڏينهن ۾ پوليس 56 افغانين سميت 954 شرپسند?? کي گرفتار، 200 کان وڌيڪ گاڏين، مظاهرو ڪندڙن جي استعمال هيٺ 39 هٿيار قبضي ۾ ورتا، شرپسند عنصرن 67 سيف سٽي ڪئميرائ?? کي نقصان پهچايو جنهن جو ڪاٿو اٽڪل 38 ملين روپيا آهي، مختلف ڪئميرائن جي مدد سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيل 3 هزار گاڏين ۽ ان ۾ موجود ماڻهن ۽ هٿيارن بابت تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن. پي ٽي آءِ طرفان اسلام آباد ۾ احتجاج نه پر دهشتگردي ڪئي وئي آهي جنهن تي 7 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، انهن ۾ احتجاج ڪرڻ، ڪرائيندڙن ۽ سهولتڪار?? کي نامزد ڪيو ويو آهي، احتجاج دوران 71 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿيا جن مان 27 کي گوليون لڳيون آهن، 3 رينجرز اهلڪارن سميت 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا آهن. آءِ جي اسلام آباد پوليس سيد علي ناصر علي رضوي پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته دهشتگرد احتجاج ۾ هٿيار استعمال ڪري رهيا هئا، احتجاج ڪندڙن وٽ هٿيار، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل موجود هئا، اسلام آباد پوليس پنجاب پوليس، رينجرز ۽ ٻين ادارن جي مدد سان 954 شرپسند?? کي گرفتار ڪري 200 کان وڌيڪ گاڏي?? کي به قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. آءِ جي اسلام آباد ٻڌايو ته احتجاج جي بهاني شرپسندي ڪندڙ عنصرن کان 39 هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن،آءِ جي اسلام آباد ٻڌايو ته صوبائي حڪومت طرفان ڳوڙها آڻيندڙ گئس کي اسلام آباد ۾ استعمال ڪيو ويو ۽ سرڪاري وسيلن مان وڏا پکا تيار ڪري انه?? کي استعمال ڪيو ويو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس کي پوليس طرف ڌڪيو ويو. هن ٻڌايو ته گڏيل ڪارروائي ڪندي 954 شرپسند?? کي گرفتار ڪيو ويو، صرف 26 نومبر واري ڏينهن 600 کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ 200 کان وڌيڪ گاڏي?? کي پڪڙيو ويو، هٿيار به پڪڙيا ويا جنهن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا ڳرا هٿيار موجود هئا. آءِ جي ٻڌايو ته شرپسندن جي فائرنگ، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ۽ ربڙ بلٽ سان سيڪيورٽي فورسز جا 71 اهلڪار زخمي ٿيا، 52 رڳو ڪالهه زخمي ٿيا، 27 اهلڪار اهڙا هئا جيڪي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيا. هن چيو ته ڪجهه هزار ماڻهو اچن ۽ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪن اهو نٿو ٿي سگهي، ڪالهه رات ٿيل آپريشن ۾ اسان ڳوڙها آڻيندڙ گئس ذريعي علائقو ڪليئر ڪرايو. 3000 کان وڌيڪ گاڏين جا فوٽو سامهون اچي ويا آهن ج?? کي استعمال ڪيو ويو، سرچ آپريشن اڃان به جاري آهي.ڪئميرائن جي مدد سان گهرن ۽ هاسٽل?? کي به چيڪ ڪيو پيو وڃي.مظاهرين ۾ پرڏيهي شهرين جو هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي.آءِ جي اسلام آباد واضح پيغام ڏنو ته هاڻي گهڻو ٿي ويو، هاڻي اسلام آباد ۾ بنا اين او سي جي ڪنه?? کي به جلسو ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ان موقعي تي چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رنڌاوا چيو ته احتجاج ۽ دهشتگردي ۾ فرق آهي، احتجاج جي آڙ ۾ ڪنهن به قسم جي دهشتگرداڻي ڪارروائي کي برداشت نه ڪيو ويندو. اين او سي کانسواءِ ڪنهن به افغان شهري کي اسلام آباد ۾ رهڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، شرپسندن کان اسلام آباد خالي ڪرايو ويو آهي ۽ سموريون سرگرميون معمول موجب ب??ال ٿي ويون آهن. هن چيو ته گهرو وزارت جي هدايتن موجب اسلام آباد ۾ رهندڙ سمورن افغانين جي ٻيهر ڇنڊڇاڻ ڪنداسين ۽ بنا اين او سي جي رهندڙ سمورن پرڏيهي?? کي اسلام آباد مان بي دخل ڪيو ويندو. چيف ڪمشنر چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي انتظاميه احتجاجي مظاهرو ڪندڙ?? کي سنگجاڻي واري هنڌ تي جلسو ڪرڻ جي آڇ ڪئي تنهن هوندي به هو سموريون رڪاوٽون پار ڪري ۽ قانون هٿ ۾ کڻي شهر داخل ٿي ويا. هڪ سوال جي جواب ۾ چيف ڪمشنر ٻڌايو ته اسلام آباد پوليس، رينجرز، پنجاب پوليس ۽ ٻين ادارن جي بهترين حڪمت عملي تحت ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي مدد سان شرپسند?? کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.ا
احتجاج دوران 56 افغانين سميت 954 شرپسندن گرفتار ڪيا ويا، 200 کان وڌيڪ گاڏيون ۽ 39 هٿيار ضبط، شرپسند عنصرن 167 سيف سٽي ڪئميرائن کي نقصان پهچايو: آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد جي پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی