ڀڪي (شيخوپوره) – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان کي اونداهين مان ڪڍڻ، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل سان همڪنار ڪرڻ ۽ عالمي دنيا ۾ باعزت مقام ڏيارڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان کي اونداهين ۾ ڌڪيندڙ ۽ لوڊشيڊنگ جا ذميوار اڄ ا??تجاج جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن انهن جو پوکيل فصل اڄ ا??ان لُڻي رهيا آهيون. هن اها ڳالهه شيخوپوره ويجهو ايل اين جي سان هلندڙ 1180 ميگاواٽ جي ڀڪ?? پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه، وڏي وزير شهباز شريف، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، چيني سفير سن وي ڊونگ، سفارتڪارن، پارليامينٽ ميمبر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم ڀڪ?? پاور پلانٽ جو افتتاح ڪيو. هن پلانٽ جي ڪنٽرول روم جو دورو جتي کيس هن ماحول دوست منصوبي جي سگهه بابت آگاهه ڪيو ويو.
پاڪستان کي دنيا ۾ باعزت مقام ڏيارڻ جو عزم ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ