اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين چيو آ??ي ته سٺي اخلاق تي عمل ڪري ڪيترين ئي معاشرتي براين کان بچي سگهجي ٿو، دين اسلام اخلاق تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏيندو آهي. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ اسڪول جي شاگردياڻين سان ڳالهائيندي چئي. اخلاقي تربيت جو هي سلسلو گذريل ڪافي عرصي کان جاري آ??ي ته جيئن ڇوڪرين جي تعليم سان گڏوگڏ انهن جي اخلاقي تربيت تي به ڌيان ڏئي سگهجي. بيگم محموده ممنون حسين چيو ته اخلاق حسنه صرف اهو ئي نا??ي ته ماڻهن سان سٺي طريقي سا?? مليو وڃي پر انهن سمورن معاملن کانسواءِ سٺي اخلاق ۾ اڃان به گهڻيون شيون شامل آهن جهڙوڪ ايمان، درست عقيده، توحيد ۽ نماز روزي جي پابندي، نيڪ عمل، سٺين عادتن، ماڻهن جي معاملن ۾ سچائي، ننڍڙن سان شفقت ۽ محبت ۽ وڏن جو ادب ۽ احترام، والدين جي خدمت، انهن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ، پاڙيسرين سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ، عزيز، رشتيدارن، دوستن سان سٺو سلوڪ، ماڻهن جي معاملن ۾ عدل ۽ انصاف، آخرت جي فڪر، قرآن مجيد جي تلاوت، اسلام جي رڪن جي پابندي، حقوق العباد جي ادائيگي ۽ بي ايماني ۽ ناانصافي، حرام جي ڪمائي، بيواهه ۽ يتيم جو مال کائڻ کان پري رهڻ و??ير?? سڀ شيون سٺي اخلاق ۾ شامل آهن.
سٺي اخلاق تي عمل ڪري ڪيترين ئي معاشرتي براين کان بچي سگهجي ٿو: بيگم محموده ممنون حسين
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات