پشاور – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو، انقلاب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر رڳو ڪم سان اچي ٿو، ماضي ۾ من??وبن جا اعلان ۽ سنگ بنياد رکيا ويندا هئا جڏهن ته من??وبا مڪمل نه ٿيندا هئا، ا??ان جي حڪومت جيڪو من??وبو شروع ڪيو اهو مڪمل ڪيو، موجوده حڪومت هزارين ڪلوميٽر موٽرويز ۽ 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي جڏهن ته نيشنل انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو من??وبو وڌيڪ اهم آهي، نوجوانن کي روزگار ملندو ته انتهاپسندي جو خاتمو ٿيندو. هو پشاور ۾ ن??شنل انڪيوبيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته پبلڪ پرائيويٽ حصيداري ۾ قائم اداري جو افتتاح هن علائقي ۽ آءِ ٽي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هي انڪيوبيشن سينٽر پائليٽ پراجيڪٽ آهي. هن چيو ته هزارين ڪلوميٽر موٽرويز، 10 هزار ميگاواٽ بجلي جي پيداوا??، اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جا من??وبا مسلم ليگ (ن) جي موجوده دور ۾ مڪمل ٿيا يا جاري آهن جڏهن ته انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو من??وبو وڌيڪ اهم آهي، ان سان نوجوانن کي مستقبل جي رهنمائي ملندي.
نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔