اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪمل طور تي لاڪ ڊائون جي اجازت قطئي طور تي نه ڏني ويندي، مڪمل لاڪ ڊائون جي حوالي سان وفاقي حڪومت جي پاليسي واضح آهي، سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته صوبا ان ڏس ۾ انفرادي فيصلو نٿا ڪري سگهن، آرٽيڪل 151 تحت پاڪستان هڪ سنگل مارڪيٽ آهي، ڪراچي جي بندرگاهه پاڪستان جي م??يشت جي شه رڳ آهي ۽ اهڙو قدم کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي جنهن سان پاڪستان جي م??اشي شه رڳ متاثر ٿئي. سنڌ ح??ومت پاران مڪمل لاڪ ڊائون جي فيصلي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪو به آپشن ڪنهن صوبي کي دستياب نه آهي، ڪورونا جي حوالي سان پاليسي وفاق ۽ اين سي او سي جاري ڪندا آهن ۽ صوبا ان تي عملدرآمد جا پابند آهن، هن چيو ته پاڪستان ڪورونا جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪيو آهي، هن وقت تائين اسان انساني جانيون بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون ۽ ملڪي م??يشت به هاڻي پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو موقف آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون سان مزدور، ڏهاڙيدار طبقو شديد متاثر ٿيندا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ ح??ومت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ ڪراچي ۾ صورتحال سنگين نه هجي ها، هن چيو ته سنڌ کي واضح طور تي پيغام ڏنو ويو آهي ته انفرادي فيصلا نٿا ڪري سگهجن، اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي.
سنڌ ۾ مڪمل طور تي لاڪ ڊائون جي اجازت قطئي طور تي نه ڏني ويندي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔