اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رابطن جي لاءِ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستا?? لازمي آهي، پاڪستان افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستان جي سمورن طبقن جي نمائندگي هجي. اها ڳالهه هن ازبڪستان جي سفير ايبڪ عارف عثمانوف سان ڳالهائيندي چئي جنهن اطلاعات واري وفاقي ??زي?? سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فائديمند شعبن ۾ تعاون سان پوري خطي ۾ موقعن ۽ خوشحالي جون نيون راهون کلنديون. هن چيو ته ڪراچي ۽ ت??شق??د جي وچ ۾ ريل ٽريڪ جي تعمير ۽ پاڪستان مان وچ ايشيائي رياستن سان رابطي جو خواب رڳو افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ سان خوشگوار ٻطرف?? لاڳاپن مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي ۽ ت??شق??د سان سمورن علائقائي مسئلن خاص طور تي افغانستان ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ??زي??اعظم عمران ??ان جي تازي ت??شق??د جي دوري سان ٻطرف?? لاڳاپن کي هڪ نئين سگهه ملي آهي، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هن چيو ته پاڪستان افعانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستان جي سمورن طبقن جي نمائندگي هجي. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته ازبڪستان هڪ اهم وچ ايشيائي ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرن ثقافتي لاڳاپن سان عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ملندو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان مغل شهنشاهه ظهيرالدين بابر ۽ اردو جي مشهور شاعر اسد الله ??ان غالب جي زندگين تي فلم ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان ڏس ۾ تجويز ??زي??اعظم جي ازبڪستان جي دوري دوران غور هيٺ آئي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ان منصوبي جي شروعات جي لاءِ ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو ويندو. ان موقعي تي ازبڪستان جي سفير افغانستان ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڪابل ۾ هڪ اهڙي حڪومت هجڻ گهرجي جنهن ۾ افغانستان جي سمورن گروپن جي نمائندگي هجي. هن ازبڪستان جي تاريخي جاين ثمرقند، بخاره ۽ صوفي ازم تي دستاويزي فلمون پي ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي تجويز کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر قسم جي سياحت جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.
پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رابطن جي لاءِ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان لازمي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ