اسلام آباد/ني??يا??ڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي ني??يا??ڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر ريپبلڪن سينيٽر جيمز رش سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي و??ير پاڪستان پاران آمريڪا سان ڊگهي بنياد، اسٽريٽجڪ ??صيداري جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو جيڪو ٻطرفي ۽ علائقائي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پرڏيهي و??ير علائقائي رابطي، ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي اهيمت تي زور ڏنو، پرڏيهي و??ير افغانستان ۾ هڪ جامع، سياسي حل کي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکڻ تي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته افغانستان ۾ هڪ مستحڪم ۽ وسيع بنياد حڪومت جي ضرورت آهي ته جيئن عالمي دهشتگرد گروه، افغان سرزمين جو ٻيهر ڪڏهن استحصال نه ڪري سگهن، آمريڪي سينيٽر رش ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جاري رکڻ جي حوالي سان پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي جي موقف سان اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير جو آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر ريپبلڪن سينيٽر جيمز رش سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت