اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دامن صاف آهي، اسان 40 هزار ماڻهن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن وٽ ج??ع ڪرايا آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي نامعلوم ماڻهن کان پارٽي فنڊنگ جي نالي تي پئسا و??تا، ٻئي پارٽيون جواب ڏيڻ کان ڀڄي رهيون آهن، ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، کين ضرور جواب ڏيڻو پوندو، چاهيون ٿا ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ڪئي وڃي ۽ ان جو جلد کان جلد فيصلو ٿئي ته حقيقت??ن قوم جي سامهون اچن. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سرعام چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ٿئي، ان جي بيان کانپوءِ تحريڪ انصاف جي پوزيشن واضح آهي، تحريڪ انصاف واحد سياسي پارٽي آهي جنهن اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي پاران گهريل سمورا دستاويز پيش ڪيا، شبلي فراز چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪا به مافيا نه آهي، تحريڪ انصاف ورڪرن ۽ ميمبرن کان چندو وٺي پارٽي معاملا هلائڻ جو ڪلچر متعارف ڪرايو آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي نامعلوم ماڻهن کان پئسا و??تا، مافيا انهن ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ ??اءِ فنڊنگ ڪندي آهي ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهي ماڻهو کين نوازيندا آهن.
تحريڪ انصاف جو فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دامن صاف آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے