اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ صاف ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته روايتي ٻارڻ تي پاڪستان جو دارومد??ر گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ موثر ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي مقامي اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته گرين ٽرانسپورٽ آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ پاڪستان کي صاف بڻائڻ ۾ مدد ڏيندي، گرين ٽرانسپورٽ سان ڪاربن جو اخراج، ماحولياتي آلودگي ۽ ٻارڻ جو درآمدي بل گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي جي ل??ءِ نئين ٽيڪنالاجيز ضروري آهن، ڪاروباري برادري صنعتي اپ گريڊيشن ۽ جدت تي ڌيان ڏي، جديد ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجيز پاڪستان ۾ نئين صنعتن کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثا??ت ٿي سگهي آهي. صدر چيو ته جديد ٽرانسپورٽ سان نوجوانن جي ل??ءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
ملڪ ۾ صاف ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil