اسلام آ??اد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومن جي ترقي ۾ نوجوان نسل جو اهم ڪردار آهي، هنرمندي جي تعليم موجوده دور ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي ڪُنجي آهي، ??عليم، روزگار ۽ صحت رڳو امير طبقي جو حق نه آهي پر سڀني جي حق آهي، 75 سالن جون عادتون بدلائڻ آسان ڪم نه آهي، ??يتوڻيڪ مصمم اداري سان گڏجي تعليم کي عام ڪنداسين، فني ترقي اسان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، فني تعليم ??ان ليس نوجوانن کي ٻاهرئين ملڪ موڪلڻ سان واپاري خساري ۾ گهٽتائي ايندي، ??عليم ??ي فروغ لاءِ وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. هو نيشنل يونيورسٽي آف ٽ??ڪن??لاجي جي مرڪزي ڪئمپس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم ??ورنگزيب، منصوبابندي، ??رقي ۽ سڌارن وارو وفاقي و??ير احسن اقبال، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي و??ير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه ۽ نيشنل يونيورسٽي آف ٽ??ڪن??لاجي جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل معظم اياز کانسواءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. تقريب کي خطاب ڪندي و??يراعظم چيو ته نيشنل يونيورسٽي آف ٽ??ڪن??لاجي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ فخر جوڳي آهي. هنرمندي جي تعليم موجوده دور ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي ڪُنجي آهي، ??عليم پاڻمرادو پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو هنر آهي، ??يڪو الله تعاليٰ اسان کي عطا ڪيو آهي پر قومن کي ترقي جي راهه ۾ تيزي سان اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ فني تعليم ??يز رفتاري سان ڪاميابي جي ضمانت آهي. يونيورسٽي ۾ اچي متاثر ٿيو آهيان، انتظاميا هن کي تيز رفتاري سان اڳتي کڻي هلندي ۽ هزارين ٻارن کي هنرمندي جي تعليم ڏئي نه رڳو پاڪستان پر دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندي ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ باوقار روزگار جو ذريعو بڻجندي. هن چيو ته وزيراعظم هن يونيورسٽي جو منصوبو ٺاهيو پر ان تي مبارڪباد ڏيان ٿو، هي پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو ادارو ٺهيو آهي. ٻارن جي تعليم لاءِ انهن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي اسان کي ختم ڪرڻو آهي، ??سان پنجاب ۾ ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو ان جي لاءِ 2 ارب رپيا ساليانو فنڊ بجيٽ ۾ رکي، 10 سالن ۾ 4 لک 50 هزار شاگرد ميرٽ تي سڄي ملڪ مان وظيفي جا حقدار بڻيا، اڄ اهي ٻاهر دنيا ۾ پنهنجي قابليت کي مڃرائي رهيا آهن، اهڙي طرح اسان دانش اسڪول ٺاهيا ته جيئن غريبن کي ايچيسن ۽ ٻين ادارن جي برابر تعليم ڏئي سگهي. تعليم، روزگار ۽ صحت رڳو امير طبقي جو حق نه پر سڀني جو حق آهي، ??هو قيام پاڪستان جو مقصد ۽ قائد ۽ اقبال جو خواب هو، انهن شعبن ۾ امير ۽ غريب جي وچ ۾ فرق نه هجڻ گهرجي، 75 سالن جون عادتون بدلائڻ آسان ڪم نه آهي، ??يتوڻيڪ مصمم ادارن سان گڏجي تعليم کي عام ڪنداسين، هنرمندي جي تعليم ??سان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. انڊونيشيا هنرمندي جي ڪري اڄ اسان کان تمام گهڻو اڳتي آهي. پاڪستاني جيڪڏهن 30 ارب ڊالر ساليانو موڪلين ٿا ته انڊونيشيا هنرمندي جي ڪري اسان کان ٻيڻو پرڏيهي ناڻو ڪمائي ٿو. جيتوڻيڪ اسان هنرمند ماڻهن کي نار سميت ٻين ملڪن ۾ موڪليندسين ته پاڪستان جو واپاري خسارو مثبت ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته ان مقصد جي لاءِ يونيورسٽي کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪنداسين. نيشنل سرٽيفڪيٽ کي حاصل ڪرڻ سان هتان کان فارغ ٿيندڙ شاگردن کي دنيا ۾ پذيرائي ملندي. ان جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان خدمتون حاصل ڪنداسين ۽ اهو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪن. وزيراعظم سدره گل ۽ ممتاز حسين جو حوالو ڏيندي يونيورسٽي جي انتظاميا، استادن کي سلام پيش ڪيو ۽ چيو ته هن تقريب ۾ انهن کي گارڊ آف آرنر پيش ڪرڻ گهرجي ها. وزيراعظم چيو ته جيتوڻيڪ هتي انهن شاگردن کي گارڊ آف آرنر پيش ڪرڻ جي لاءِ سپاهي موجود نه آهن ته اهي پاڻ انهن جي محنت تي انهن کي سلام پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته نوجوان نسل کانسواءِ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪو ٻيو طبقو موثر ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته دنيا ۾ ڳالهه جي پڪي محنت ڪرڻ واري ڪا قوم جاپان ۽ جرمني کان وڌيڪ نه ڏٺي. ان ۾ تعظيم ۽ نظم ۽ ضبط آهي، قومون ائين ٺهنديون آهن، هو وقت ضايع نه ٿيون ڪن. احتجاج دوران به انهن جون مشينون هلنديون رهنديون آهن. تقريب کي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي و??ير راڻا تنوير حسين خطاب ڪندي چيو ته نوجوان اسان جو مستقبل ۽ قيمتي سرمايو آهن. وزيراعظم نوجوانن جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ کانسواءِ ترقي جو سفر ناممڪن آهي. هن چيو ته فني تعليم ۾ روزگار جا وڌيڪ موقعا آهن، 4 لک ٻار هنر سکي پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. نمل سان مختلف زبانن ۾ ڪورسن جي حوالي سان معاهدو ڪيو آهي. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه چيو ته وزيراعظم جي ويزن جو مرڪزي نقطو هر شعبي ۾نوجوانن کي اڳتي آڻڻ آهي ڇو ته ڪنهن به قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ نوجوانن جو وڏو ڪردار آهي. پاڪستان جي 70 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي آهي، ??يڪو پاڪستان جو سرمايو آهن. ان موقعي تي و??يراعظم نوجوانن ۾ سرٽيفڪيٽ به ورهايا. ان موقعي تي نوجوانن جي حوالي سان وزيراعظم ويزن تي دستاويزي پروگرام به ڏيکاريو ويو.
قومن جي ترقي ۾ نوجوان نسل جو اهم ڪردار آهي، هنرمندي جي تعليم موجوده دور ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي ڪُنجي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا