اسلام ??با?? – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرد??ري معاشري جي محروم ۽ پٺتي پيل طبقي کي مفت طبي ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ کي پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريندي ضرورتمند ماڻهن ک?? پهچ جوڳي صحت جي سهولتن تي ٽرسٽ جي خدمتن ک?? ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر دينا خان جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرد??ري پڻ موجود هئي. صدر چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي قوم جي لاءِ خدمتن تي پوري قوم سندس مقروض آهي. ڊاڪٽر دينا خان صدر کي عوام کي طبي خدمتن جي فراهمي ۾ اسپتال جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ٽرسٽ کي درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفد چيو ته اڳوڻي ٽرسٽيز مالي غبن ڪيو ۽ ٽرسٽ جي اڪائونٽس جو غلط است??ما?? ڪيو. صدر آصف علي زرد??ري وفد کي انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. صدر ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ جي خدمتن ۽ ماڻهن پاران عطين ک?? ساراهيو.
صدر آصف علي زرداري پاران عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ کي هر ممڪن تعاون جي خاطري
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری